جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان

جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان

جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان

جتوئي، غلام رسول عرف عاقب خان: مرحوم غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ جي فرزند ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جي ڀائيٽي، غلام رسول خان عرف عاقب خان جتوئيءَ ڳوٺ نوان جتوئي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پهريون درجو نوان جتوئي ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ ورتائين. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم آرمي اسڪول ايبٽ آباد ۽ بزنيس مئنيجمينٽ جي اعليٰ تعليم آمريڪا مان حاصل ڪيائين. 1990ع ۾ سـنـڌ اسيـمبليءَ جـو ميـمبر چونڊيو، عاقب خان روينيو ۽ ٽرانسپورٽ جو وزير به رهي چڪو آهي. هو 2004ع کان 2008ع تائين ضلعي نوشهري فيروز جـو ضلعي ناظم به رهيو آهي. ضلعي ناظمـيءَ واري عرصي دوران ضلعـي اندر مختلف سماجي ترقي جي ڪمن کي اوليت ڏنائين، تعليم ۽ صحت جي سڌاري لاءِ وڏيون ڪوششون ورتائين، کيس زراعت ۽ جهنگلي جيوت سان تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي، هن وقت به سندس رهائشگاهه نوان جتوئيءَ واري بنگلي ۾ ڪيترا جانور ۽ پکي پاليل آهن، ان کانسواءِ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ماحوليات، جهنگلي جيوت ۽ زراعت جي حوالي سان سيمينارن/ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. سياست سان گڏ زمينداري پيشي سان لاڳاپيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو